احمد آباد -23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي عالمي ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ 24 آڪٽوبر تي نريندر مودي اسٽيڊيم، احمد آباد ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم جي قيادت هرمن پريت ڪندي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي وومينز ٽيم کي سوفي ڊيوائن اڳواڻي ڪندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ 27 آڪٽوبر تي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 29 آڪٽوبر تي ساڳئي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويندي.