پوني-23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ اڄ خميس کان 28 آڪٽوبر تائين مهاراشٽرا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم، پوني ۾ کيڏي ويندي. مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ميزبان ڀارتي ٽيم خلاف 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين ميچ ۾ ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. دوري دوران نيوزيلينڊ جي ٽيم ميزبان ٽيم خلاف 3 ميچن تي مشتمل سيريز کيڏندي، سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ اڄ خميس کان 28 آڪٽوبر تائين کيڏي ويندي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ پهرين نومبر کان 5 نومبر تائين وانکينڊي اسٽيڊيم، ممبئي ۾ کيڏي ويندي.