ڪراچي-02 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آھي ته امن جو رستو ڳالھين سان ٿيندي گذرندو آھي، ڇڪتاڻ ڪنھن جي به مفاد ۾ نه آھي. گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان ھڪ پرامن ملڪ آھي، ڀارت اشتعال انگيزي کان پري رھي. عالمي برادري ڀارت جي جنگي جنون جو نوٽيس وٺي. ھن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا کي بدامني ڏانھن نه ڌڪيو وڃي. پاڪستان جي فوج مادر وطن جي تحفظ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. دشمن کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.