لاڙڪاڻو-02مئي (اي پي پي) پاڪ آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل جي فزيولاجسٽ ميجر ڪومل اندليب پڌرو ڪيو آهي ته پاڪ فوج ۾ پي ايم اي لانگ ڪورس 156 ذريعي ڪميشنڊ آفيسرن جي ڀرتي شروع ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل شيڊول موجب ريگيولر ڪميشنڊ آفيسرن جي ڀرتي لاءِ آن لائين رجسٽريشن پاڪ فوج جي ويب سائيٽ www.joinpakarmy.gov.pk تي پهرين جون 2025ع تائين جاري رهندي. ايف اي/ ايف ايس سي يا ان جي برابر تعليمي ڊگري رکندڙ شاگرد، جن جي عمر 17 کان 22 سالن تائين هجي، اپلاءِ ڪرڻ جا اهل هوندا. اميدوارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي وڌيڪ تفصيلن لاءِ آرمي سليڪشن سينٽر پنوعاقل جي فون نمبر 0715805599 يا موبائل نمبر 03062372447 تي رابطو ڪن يا مٿي ڏنل ويب سائيٽ وزٽ ڪن. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهي خبرون ڪوڙيون آهن ته فوجي جوانن جي پينشن ختم ڪئي وئي وئي آهي، انهن جي پينشن سندن فوت ٿيڻ تائين جاري رهندي.