اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ضرورت جي شين جي فراهمي ۽ دستيابي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، خوراڪ ۽ پيداوار واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ پي ايس ايم اي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم صارفين جي لاءِ معياري ۽ ضرورت جي سستي شين جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي طئي ٿيل قيمتن تي انهن جي فراهمي کي يقيني بڻائين.