لاهور-02 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي لاهور ريلوي اسٽيشن جو اوچتو دؤرو ڪيو، جتي هن صفائي سٿائيءَ جي خراب انتظامن ۽ ملازمن جي غير حاضريءَ تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير اسٽيشن تي موجود مختلف شعبن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کان انتظامي معاملن تي سخت سوال ڪيا. دؤري دوران وفاقي وزير صفائي جي خراب انتظامن تي ڊويزنل ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر صائمه ممتاز کي فوري طور تي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. اسٽيشن ماسٽر لاهور کي به ملازمن جي غير حاضري ۽ مجموعي ڪوتاهيءَ تي ڇنڊ پٽي. ريلوي وارو وزير پنڌ اسٽيشن کان واشنگ لائن تائين ويو ۽ اتي به عملي جي گهٽ انگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سڀني غير ملازمن کي فوري طور تي ريلوي جي گهرن کان واپس گُهرائڻ جي هدايت جاري ڪئي. وفاقي وزير چيو ته ريلوي جي موجوده حالت من پسند ڀرتين ۽ خراب انتظامي رويي جو نتيجو آهي پر هاڻي سختي ڪئي ويندي. ريلوي کي ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازيءَ کان پاڪ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. حنيف عباسي بدعنواني جي ڪيترن ئي ڪيسن کي ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ته جيئن ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي. حنيف عباسي ريلوي اسٽيشن تي کاڌي جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ هڪ اهم فيصلو ڪندي صوبائي فوڊ اٿارٽيز کي ريلوي اسٽيشنز تي ڇاپا هڻڻ ۽ کاڌي جو معيار چيڪ ڪرڻ جي باقائدي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان قدم جو مقصد عوام کي معياري ۽ محفوظ خوراڪ جي فراهمي يقيني بنائڻ آهي. دؤري جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير لاهور ۾ ناليواري روحاني شخصيت بي بي پاڪ دامن جي مزار تي حاضري ڀري. فاتحه خواني ڪئي ۽ـ چادر چاڙهي. هن ملڪ ۾ امن، ترقي ۽ ريلوي جي بهتر مستقبل لاءِ خاص دُعا پڻ ڪئي.