رياض -03 مئي (اي پي پي) سعودي سول ايوي ايشن چيو آهي، ته حج سيزن جي حوالي سان زائرين جي آمد ۽ روانگي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. مختلف هوائي ڪمپنين ۾ 30 لک کان وڌيڪ سيٽن جي خاطري ڪرائي وئي آهي. رپورٽن موجب ايئرپورٽ هولڊنگ ڪمپني 6 ايئرپورٽس جن ۾ جده جو ڪنگ عبدالعزيز ايئرپورٽ، مديني منوره جو امير محمد بن عبدالعزيز ايئرپورٽ، طائف جو انٽرنيشنل ايئرپورٽ، شهزاده عبدالمحسن بن عبدالعزيز ينسبع ايئرپورٽ، ڪنگ فهد دمام انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ رياض شامل آهن جتي 11 هزار کان وڌيڪ عملي کي مقرر ڪيو ويو آهي. هلندڙ سال حج سيزن لاءِ هڪ هزار اڏامن ۾ 10 لک سيٽن جي بڪنگ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته فلائي ناس پاران 15 ايئرپورٽس لاءِ هڪ لک 20 هزار حج پانڌيئڙن جي بڪنگ ڪئي وئي آهي. ٽرانسپورٽ اٿارٽي 25 هزار بسن ۽ 9 هزار ٽيڪسن کان علاوه ٽرانسپورٽ آپريشن کي منظم ڪرڻ لاءِ 180 سپروائيزر جو انتظام ڪيو آهي، جيڪي مڪه مڪرمه، مدينه منوره ۽ مشاعر مقدسه ۾ 20 جاين تي مقرر هوندا. جڏهن ته سعودي ريلوي پاران پڻ مشاعر مقدسه ريل سروس ذريعي 20 لک ماڻهن جي ٽرانسپورٽيشن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. سامونڊي جهازن ذريعي سعودي ايندڙ زائرين جي آجيان ۽ روانگي لاءِ 436 اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي جده اسلامي بندرگاهه تي ايندڙ 5 هزار کان وڌيڪ زائرين لاءِ لاجسٽڪ خدمتون مهيا ڪندا.