لنڊن -03 مئي (اي پي پي) شاهه چارلس (ٽي) ۽ راڻي ڪميلا 26 مئي تي ڪينيڊا جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندا ۽ نئين پارليامينٽ جي افتتاح واري تقريب ۾ شرڪت ڪندا. پرڏيهي خابروا داري موجب شاهه چارلس (ٽي) ۽ راڻي ڪميلا 26 مئي تي ڪينيڊا جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندا ۽ عام چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿيل پارليامينٽ جي افتتاحي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندا. پئلس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي، ته بادشاهه ملڪه سان گڏ اوٽاوا ۾ ڪينيڊا جي پارليامينٽ جي افتتاح واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. جنهن گذريل هفتي جي شروعات ۾ ٿيل چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اهو دورو تاريخي اعزاز تي مشتمل هوندو.