تهران-03 مئي (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان اسماعيل بقائي ايران جي ايٽمي پرگرام جي حوالي سان فرانس جي دعويٰ کي کوکلو ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايڪس تي فرانسيسي پرڏيهي وزير جي دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته فرانسيسي پرڏيهي وزير جو بيان بي بنياد آهي ۽ ان سان ايران خلاف ٻيهر پابنديون لڳائڻ جي ڌمڪي ان خيال کي هٿي ڏئي ٿي ته فرانس جو انتقام آميز موقف، تخريبي ڪردار جي سازش تي ٻڌل آهي. ترجمان اسماعيل بقائي پنهنجي ان پوسٽ ۾ لکيو آهي ته يقينا ان طرز عمل سان يورپ ۽ دنيا ۾ فرانس جي پوزيشن ۽ اعتبار ۾ اضافو نه ٿيندو.