اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال ملڪ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ فالس فليگ آپريشن ۾ مودي پنهنجي عوام کي نشانو بڻايو، مودي لاءِ پنهنجي عوام جو قتل ڪا نئين ڳالهه ناهي، پهلگام واقعي کي بنياد بڻائي ڪشميرين تي حملا ٿي رهيا آهن، پهلگام واقعي کانپوءِ ڪشميري خاندانن کي جدا ڪيو پيو وڃي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪ ڀارت لاڳاپا ڏينهون ڏينهن بگڙجندا پيا وڃن، جڏهن به ڀارت ۾ عام چونڊ ٿيندي آهي ته اها ڪشميرين لاءِ رتوڇاڻ واري هوندي آهي، فالس فليگ آپريشن ڪري سڄو ملبو ڪشميرين تي وڌو ويندو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ فالس فليگ آپريشن ۾ مودي پنهنجي عوام کي ماريو جيڪا ڪا نئين ڳالهه ناهي. مشعال ملڪ چيو ته پاڪستان جيترو چاهي اعتماد سازي ڪري ڀارت جي اهڙي ڪا نيت ئي ناهي، اهي ڪشميري جن جون جائز شاديون ٿيون آهن انهن کي ڌار ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آر ايس ايس جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ان تي پابندي لڳڻ گهرجي، جن ماڻهن جي گهرن کي ڊاٿو پيو وڃي انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، والاريل ڪشمير ۾ گهرن کي بمن سان تباهه ڪيو پيو وڃي، ڀارت طرفان آبي جارحيت غير قانوني آهي، آزاد ڪشمير کي وار ڪائونسل قرار ڏنو وڃي، آزاد ڪشمير جا سمورا علائقا لائن آف ڪنٽرول تي آهن، هن چيو ته ڀارت جي جعلي آپريشن جي ذميواري پاڪستان تي وجهڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون. عالمي سطح تي ڀارتي دهشتگردي جي مذمت ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عالمي سطح تي ۽ ڀارت جي اندر به ڀارتي حڪومت جي مذمت ڪئي پئي وڃي، ڪشميري قوم ڀارت جي فالس فليگ آپريشن جي قيمت ادا ڪري رهي آهي. مشعال ملڪ چيو ته هزارين خاندانن کي جبري طور تي ڌار ڪيو پيو وڃي. آر ايس ايس تي فوري طور تي پابندي لڳائي وڃي. هر ڪشميري ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيو آهي، والاريل ڪشمير جي معيشت، سياحت ۽ زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي دريائن تي ڪشميرين جو حق آهي، ڀارت جو نه. هن چيو ته ڀارتي حڪومت ڪنهن کي به رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ڀارتي فوج، ايئر فورس ۽ نيوي هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڀارتي فوج کي خوف آهي ته هن جو رد عمل اچي سگهي ٿو، چين پاڪستان سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪيو آهي، بنگلاديش ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، هن وقت اسان کي گهرجي ته پاڪ فوج جو ڀرپور ساٿ ڏيون، هن چيو ته سوشل ميڊيا استعمال ڪندي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.