بنگلورو _ 2 مئي (اي پي پي) انڊين پريمئير ليگ (آئي پي ايل ) جو 18هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ ڇنڇر 3 مئي تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏيو ويندو. ليگ جي 52 هين ميچ رائل چئلينجز بنگلورو ۽ چنائي سپر ڪنگز جي ٽيمن وچ ۾ ايم چناسوامي اسٽيڊيم، بنگلورو ۾ کيڏي ويندي. رائل چئلينجز بنگلورو جي ٽيم جي قيادت مشهور بيٽسمين رجت پاٽيدار ڪندو. جڏهن ته چنائي سپر ڪنگز جي اڳواڻي وڪٽ ڪيپر بيٽسمين مهندرا سنگهه ڌوني ڪندو. رائل چئلينجز بنگلورو جي ٽيم 14 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي آهي جڏهن ته چنائي سپر ڪنگز جي ٽيم 4 پوائنٽس سان ٽيبل تي سڀ کان هيٺ ڏهين نمبر تي آهي. ليگ ۾ شامل 10 ٽيمن وچ ۾ فائنل سميت مجموعي طور تي 74 ميچون کيڏيون وينديون. آءِ پي ايل جو فائينل 25 مئي تي ڪولڪته ۾ شيڊيول ٿيل آهي.