اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي واري جڳهه ڦاٽڪ ميلا ويجهو ٿيندڙ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائي ظلم جي انتها ڪري رهيا آهن انهن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ شهادتن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.