نيويارڪ-02 جولاءِ (اي پي پي) دنيا جي مشهور صنعتڪار ايلون مسڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان سندس ڪمپنين کي ملندڙ سرڪاري امداد تي تنقيد جو ڀرپور جواب ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايلون مسڪ چيو آهي، ته منهنجي ڪمپنين کي ملندڙ سموري حڪومتي امداد هاڻي بند ڪري ڇڏيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن ”ٽروٿ سوشل“ تي هڪ سخت بيان جاري ڪندي ايلون مسڪ کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو هو. هن جو چوڻ هو ته ايلون مسڪ جون ڪمپنيون سرڪاري سبسڊي تي ڀاڙن ٿيون ۽ هو عوام تي زبردستي برقي گاڏيون مڙهڻ جو حامي آهي. آمريڪي صدر حڪومت کان مطالبو ڪيو هو ته ايلون مسڪ جي ڪمپنين کي ملندڙ مالي مدد جو نئين سر جائزو ورتو وڃي. ايلون مسڪ ان تنقيد جو سڌي ريت جواب ڏيڻ بدران ”ايڪس“ تي هڪ سلسليوار پيغامن ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو هو. هن چيو ته آمريڪي حڪومت جي خرچن ۾ فضول خرچي ۽ ڌوڪيبازي کي روڪڻ جو واحد طريقو قرض جي حد کي استعمال ڪرڻ آهي. هن لکيو آهي، ته قرض جي حد جو قانون انهي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر جيڪڏهن اسان هر ڀيري ان حد ۾ اضافو ڪنداسين ته پوءِ ان قانون جو ڪهڙو فائدو رهجي ويندو. هن چيو ته منهنجي صرف اها درخواست آهي، ته آمريڪا جو ڏيوالو نه ٿئي. سندس اهو بيان ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ حڪومت جي خرچن تي ڪنٽرول جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. اهي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن آمريڪا ۾ قرض جي حد ۽ سرڪاري خرچن سان لاڳاپيل پاليسين تي شديد اختلاف جاري آهن.سياسي ماحول ۾ معاشي مسئلن جي گونج لاڳيتو وڌندي ٿي وڃي.