جنيوا -02 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته انساني بنيادن تي امدادي ڪم ڪندڙ ۽ ترقياتي معاملن کي ڏسڻ وارن ادارن کي جنگ سٽيل ايران لاءِ جنگ کان پوءِ وڌيڪ بجيٽ جي امداد ڪرڻي پوندي ۽ ان بجيت جو ڪاٿو ٻيڻو به ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران ۾ گڏيل قومن جي ڪو آرڊينيٽر اسٽيفن پريزنر چيو آهي، ته کيس اميد آهي ته عالمي برادري ايران لاءِ وڌيڪ فنڊن سان اڳيان ايندي ته جيئن جنگ کان پوءِ مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي. جنيوا ۾ هڪ پريس بريفنگ دوران اسٽيفن پريزنر  جو چوڻ هو ته اسان هلندڙ سال ۾ ايران لاءِ بجيٽ سازي ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته ان ۾ نمايان اضافي جي ضرورت هوندي هاڻي اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ايران کي متعين صورت ۾ ڪيتري رقم گهربل هوندي. البته اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته امڪاني طور تي اها رقم اڳ ۾ مليل رقم جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي ٿي سگهي ٿي.  هن چيو ته ايران لاءِ ترقياتي معاملن ۽ پروگرامن لاءِ گڏيل قومن جي گذريل سال بجيٽ 75 ملين ڊالر هئي، جنهن ۾ اندازي موجب 50 ملين ڊالر پناهگيرن لاءِ هئا، جڏهن ته 25 ملين ڊالر ترقياتي مقصدن ۽ پروگرامن لاءِ هئا. هن جو چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته هن ڀيري جنگ کان پوءِ حالتن مطابق ترقياتي فنڊنگ کي الڳ ڏٺو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ عالمي برادري فنڊنگ ۾ اضافو ڪندي، اسٽيفن پريزنر موجب 2022ع ۾ گڏيل قومن ۽ ايراني حڪومت وچ ۾ 5 سالن واري پروگرام تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن تحت صحت ۽ سوشيو اڪنامڪ جي بهتري وارا منصوبا شامل هئا. ماحولياتي تحفط، ڊزاسٽرمينيجمينٽ  ۽ منشيات ڪنٽرول ڪرڻ کي به انهن وڏن پروگرامن ۾ شامل ڪيو ويو هو.  اسٽيفن پريزنر صحافين کي ٻڌايو ته گڏيل قومن جو اسٽاف اٽڪل ساڍا 500 ماڻهن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 50 پرڏيهي جڏهن ته 500 ايراني شهري آهن. پر تازي جنگ دوران پرڏيهي اسٽاف ميمبرن مان گهڻي ڀاڱي واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن هليا ويا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل آچري تي گڏيل قومن ايران ۾ معمول جون سرگرميون ٻيهر شروع ڪري ڇڏيون آهن. اي