اسلام آباد -02 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد پوليس جي انتهائي پيشيواراڻي مهارت سان قتل ۽ هاءِ پروفائيل ڪيسن کي حل ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته اسلام آباد پوليس ڪيترائي هاءِ پروفائيل ڪيس تمام گهٽ وقت ۾ حل ڪيا آهن. سردار فهيم قتل ڪيس کي حل ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سر ويلينس جو استعمال واکاڻ جوڳو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪيسن جي جانچ ڪندڙ اسلام آباد پوليس جي پوري ٽيم سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اسلام آباد پوليس وڏي ڪاميابي ڪندي ثنا يوسف، تجزيه نگار سردار فهيم قتل ڪيس سميت 15 هاءِ پروفائيل ڪيس رڪارڊ وقت ۾ ٽريس ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو. وفاقي گهرو وزير  ڪيسن جو پتو لڳائڻ لاءِ اسلام آباد پويلس جي پوري ٽيم سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير اسلام آباد پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جي ڀرپور همٿ افزائي ڪئي ۽ ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. گهرو وزير  آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي، ڊي آءِ جي جواد طارق، ايس ايس پي آپريشنز محمد شعيب، ايس ايس پي انويسٽيگيشن عثمان طارق بٽ، ايس پي سٽي سليمان ظفر، ايس پي صدر ڪاظم نقوي، اي ايس پي علي رضا، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عباس مهدي، ڊي ايس پي سليمان شاهه، لاڳاپيل ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ انويسٽيگيشن ٽيمن جي اهلڪارن سان ملاقات ڪئي ۽ کين شاباس ڏني ۽ چيو ته ويلڊن اسلام آباد پوليس، اوهان جي ڪارڪردگي فخر لائق آهي. محسن نقوي چيو ته اسلام آباد پوليس انتهائي پيشيواراڻي مهارت سان انڌن قتلن ۽ هاءِ پروفائيل ڪيسن کي حل ڪيو، سردار فهيم قتل ڪيس کي حل ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سرويلينس جو استعمال واکاڻ جوڳو آهي، اسلام آباد پوليس ڪيترائي هاءِ پروفائيل ڪيس گهٽ وقت ۾ حل ڪيا آهن. محسن نقوي چيو ته اميد آهي، ته اسلام آباد پوليس انهي ئي جذبي سان شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندي. آءِ جي اسلام آباد پوليس انويسٽيگيشن ٽيم جي ڪانسٽيبل رانا وسيم جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي خاص تعريف ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي آءِ جي اسلام آباد  پوليس کي 21 سال کان ڪانسٽيبل جي عهدي تي ڪم ڪندڙ رانا وسيم کي قاعدن ۽ ضابطن تحت ترقي ڏيڻ جي هدايت ڪئي. مملڪتي گهرو وزير  طلال چوڌري، وفاقي گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.