اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ضلعي ۾ بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نواگئي، مختيارڪار ۽ ٻين اهلڪارن جي شهادت تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن جيڪي معصوم عوام کي نشانو بڻائين ٿا. هن دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.