اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري باجوڙ ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن، پاڪستان جو هر ماڻهو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد آهي. پي پي پي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو ته باجوڙ ضلعي ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪريان ٿو. ڌماڪي ۾ ناوگئي جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ تعلقه آفيسر سميت ٻين اهلڪارن جي شهادت تي افسوس آهي. هن چيو ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن، دهشتگرد ملڪ ۾ امن ۽ سُڪون نٿا چاهين، پاڪستان جو هر ماڻهو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيدن جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيان.