اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کنڊ جي ملڪي صورتحال ۽ ان جي درآمد جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، صنعت ۽ خوراڪ وارن سيڪريٽريز کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. تفصيلي غور فڪر کانپوءِ ڪميٽي پرائيويٽ سيڪٽر کي 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جي درآمد جي اجازت ڏئي ڇڏي ته جيئن مقامي مارڪيٽ ۾ مناسب سپلاءِ ۽ قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. نائب وزيراعظم وقت سر درآمدات جي اهميت تي زور ڏنو ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي ڪميٽي جي فيصلي تي فوري ۽ موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائين.