ميڊرڊ _ 2 مئي (اي پي پي )بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ آريانا سبالينڪا ۽ آمريڪي مشهور ٽينس اسٽار، ايونٽ جي فورٿ سيڊڊ ڪوڪوگف ڊبليو ٽي اي ميڊرڊ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن ۾ پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکندي فائنل ۾ پهچي ويون آهن جڏهن ته پولينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار، ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ ۽ پنج گرينڊ سلم ٽائيٽلز جي فاتح آئيگا نٽالي سويٽيڪ سيمي فائنل رائونڊ ۾ شڪست بعد ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي .26 سالن جي بيلاروس جي ٽينس اسٽار آريانا سبالينڪا عورتن جي سنگلز مقابلن جي ٽاپ 4 ميچن ۾ يوڪرين جي مخالف رانديگرياڻي ايلينا سويٽولينا کي شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفائي ڪيو . 21 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف سيمي فائنل ميچ ۾ 23 سالن جي پولينڊ جي ٽينس اسٽار آئيگا نٽالي سويٽيڪ کي شڪست ڏني . ڊبليو ٽي اي جي اهتمام هيٺ ميڊرڊ اوپن جا دلچسپ مقابلا اسپين جي گادي واري شهر ميڊرڊ جي وينيو پارڪ منزاناريس ۾ جاري آهن جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.