گوانگ زو _ 23 آڪٽوبر (اي پي پي )جهموريه چيڪ جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ڪيٽرينا سينيا ڪوا ڊبليو ٽي اي گوانگ زو اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي فاتحاڻي شروعات ڪندي ٻئي رائونڊ ۾ پهچي وئي . جڏهن ته ڪروشيا جي ٽينس اسٽار پيٽرامارٽڪ وومينز سنگلز جي شروعاتي رائونڊ ۾ شڪست بعد ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي . ڊبليو ٽي اي جي اهتمام هيٺ گوانگ زو اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو چين جي مشهور شهر گوانگ زو ۾ نانشا انٽر نيشنل ٽينس سينٽر ۾ جاري آهي.