ٽوڪيو _ 23 آڪتوبر (اي پي پي )يو ايس پي جي اي ٽور زو زو گالف ٽورنامينٽ 24 آڪٽوبر خميس کان جاپان ۾ کيڏيو ويندو . 2019ع ۾ جاپان جي پهرين يو ايس پي جي اي ايونٽ ۾ ٽائيگر ووڊز ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جڏهن ته 2021ع جو ٽورنامينٽ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب ڪيليفورنيا منتقل ڪيو ويو هو. پي جي اي ٽور جي سربراهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته زوزو گالف ٽورنامينٽ 24 کان 27 آڪٽوبر تائين جاپان جي شهر چيبا جي ايڪارڊيا گالف ناراشينو ڪنٽري ڪلب ۾ کيڏيو ويندو . اسان کي يقين آهي ته اهو ٽورنامينٽ عالمي معيار مطابق هوندو . هن چيو ته ٽورنامينٽ لاءِ 85 لک کان وڌيڪ آمريڪي ڊالرن جي انعامي رقم رکي وئي آهي. ٽورنامينٽ ۾ گالف جي دنيا جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا.آمريڪي گالفر ڪولن موريڪاوا ٽورنامينٽ ۾ اعزاز جو دفاع ڪندو.