ملتان-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان انگلينڊ خلاف ٻئين ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين پنهنجي پهرين اننگز ۾ 5 وڪٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهي ورتيون، ڪامران غلام انتهائي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڊيبيو سينچري اسڪور ڪئي. اڱاري ڏينهن ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيل ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستاني اننگز جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي ۽ 19 جي مجموعي اسڪور تي 2 وڪيٽون ڪري پيون، عبدالله شفيق 15 جي مجموعي اسڪور تي 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، 19 جي اسڪور تي پاڪستان جي ٻئي وڪيٽ ڪري جڏهن ڪپتان شان مسعود 3 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ان موقعي تي صائم ايوب ۽ ڊيبيو ڪندڙ بيٽسمين ڪامران غلام ٽيم کي سنڀاليو، ڪامران غلام ٿوري وقت ۾ انتهائي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سينچري اسڪور ڪئي ۽ 118 اسڪور ٺاهي آئوٽ ٿيو. صائم ايوب به سٺي بيٽنگ ڪئي ۽ 77 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، سعود شڪيل 4 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو، اهڙي طرح پاڪستان پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي پهرين اننگز ۾ 5 وڪيٽن تي 259 رنسون ٺاهي ورتيون، محمد رضوان 37 ۽ سلمان آغا 5 رنس ٺاهي وڪيٽ تي موجود آهن. انگلينڊ طرفان جيڪ ليچ 2 جڏهن ته ميٿيو پوٽس، شعيب بشير ۽ برائيڊن ڪرس ترتيبوار هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.