ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ٻهراڙي جي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٻهراڙي جي عورتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ٻهراڙيءَ جي عورتن جو عالمي ڏينهن انهن جي عظيم خدمتن کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته ٻهراڙي جون عورتن جو زراعت، ٻهراڙي جي ترقي ۾ نه وسارڻ جوڳو ڪردار آهي، خاص ڪري ماحولياتي تحفظ کي هٿي وٺائڻ ۾ ٻهراڙي جي عورتن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ اولين ترجيح آهي. گورنر چيو ته ٻهراڙي جي عورتن جي اڻٿڪ محنت جو اعتراف اسان جي اجتماعي ذميداري آهي.