نئين دهلي- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 9 آڪٽوبر اربع ڏينهن ارون جيٽلي اسٽيڊيم،نئين دهلي ۾ کيڏي ويندي. ڀارت کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ بنگلاديش خلاف 0-1 جي برتري حاصل آهي. ڀارت پهرين ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگال ٽائيگرز کي 7 وڪيٽن تان هارايو هيو، ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ميزبان ڀارتي ٽيم بنگلاديش جي ٽيم کي ڪلين سوئيپ ڪيو هيو. ڀارت پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش کي 280 رنسن جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان هارايو هيو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 12 آڪٽوبر تي راجيو گانڌي انٽرنيشنل اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ کيڏي ويندي. ٽن ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ بنگلاديش جي ٽيم جي اڳواڻي نجم الحسن شانٽو ڪندو جڏهن ته ميزبان ڀارتي ٽيم جي قيادت مشهور بيٽسمين سوريا ڪمار ياديو ڪندو.