دبئي- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) جي اهتمام هيٺ يو اي اي ۾ جاري ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 9 آڪٽوبر تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو، پهرين ميچ ڏکڻ آفريقا ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ويمن ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا جون ٽيمون مقابلو ڪنديون. ٻئي ميچون دبئي انٽرنيشنل ڪرڪٽ اسٽيڊيم دبئي ۾ کيڏيون وينديون . آئي سي سي ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي نائين ايڊيشن جي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو گڏيل عرب امارات ۾ جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي بهترين ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملي رهي آهي. ميگا ايونٽ ۾ 10 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪنديون. پاڪستاني ٽيم ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي ميچ 11 آڪٽوبر تي آسٽريليا خلاف کيڏندي. ميگا ٽورنامينٽ ۾ 20 ميچن کان پوءِ پهرين سيمي فائنل ميچ 17 آڪٽوبر تي، ٻي سيمي فائنل ميچ 18 آڪٽوبر تي جڏهن ته فائنل ميچ 20 آڪٽوبر تي شيڊول آهي . ميگا ايونٽ ۾ شامل 10 ٽيمن ۾ دفاعي چيمپئين آسٽريليا، نيوزيلينڊ جڏهن ته فائنل ميچ 30 آڪٽوبر تي شيڊول آهي. ميگا ايونٽ ۾ شامل 10 ٽيمن مان دفاعي چيمپئين آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريقا، سريلنڪا، بنگلاديش، پاڪستان ، ڀارت ، انگلينڊ ، ويسٽ انڊيز ۽ اسڪاٽ لينڊ شامل آهن .