لاهور-03 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ آفيشل جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي ترجمان موجب اها سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئين شپ جو حصو آهي جنهن جي پهرين ٽيسٽ 7 کان 11 آڪٽوبر تائين ملتان ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽيسٽ پڻ ملتان ۾ 15 کان 19 آڪٽوبر تائين کيڏي ويندي، جڏهن ته ٽئين ٽيسٽ ميچ 24 کان 28 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي. ويسٽ انڊيز جو سر رچي رچرڊسن ان سيريز ۾ ميچ ريفري جي حيثيت سان پليئنگ ڪنٽرول ٽيم جو سربراهه هوندو، هو آءِ سي سي جي ايليٽ پينل آف ميچ ريفريز جو ميمبر آهي، پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ سريلنڪا جو ڪمار ڌرما سينا ۽ بنگلاديش جو شرف الدوله سيڪت آن فيلڊ امپائر هوندا، اهي ٻي پڻ آءِ سي سي ايليٽ پينل آف امپائرز ۾ شامل آهن. نيوزي لينڊ جو ڪرسٽو گيفيني جيڪو آءِ سي سي ايليٽ پينل آف امپائرز جو حصو آهي، ٿرڊ امپائر هوندو جڏهن ته پاڪستان جو آصف يعقوب (آءِ سي سي انٽرنيشنل پينل آف امپائر) فورٿ امپائر جا فرض سرانجام ڏيندو، ٻي ٽيسٽ لاءِ ڪمار ڌرما سينا ۽ ڪرسٽو فرگيفيني جيڪي آءِ سي سي ايليٽ پينل آف امپائرز جو حصو آهن، ٿرڊ امپائر هوندا، جڏهن ته پاڪستان جو راشد رياض فورٿ امپائر جا فرض سرانجام ڏيندو. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽئين ٽيسٽ لاءِ ڪرسٽو فرگيفيني ۽ شرف الدوله سيڪت آن فيلڊ امپائرز جا فرض سرانجام ڏيندا جڏهن ته ڪمار ڌرما سينا ٿرڊ امپائر هوندو. پاڪستان جو فيصل آفريدي جيڪو انٽرنيشنل پينل آف امپائرز ۾ شامل آهن، فورٿ امپائر هوندو.