نئين دهلي-03 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي- 20 ميچن جي سيريز جي شروعات 06 آڪٽوبر تي نيو ماڌورا سنديا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ،گواليار ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ميزبان ڀارت مهمان بنگلاديشي ٽيم کي ڪلين سوئيپ ڪيو هو . ڀارت پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديشي ٽيم کي 280 رنسن جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ٽيسٽ سيريز مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي- 20 ميچن جي سيريز جي شروعات 06 آڪٽوبر تي نيو ماڌورا سنديا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ،گواليار ۾ ٿيندي.سيريز جي ٻي ميچ 09 آڪٽوبر تي ڪوارون جيٽلي اسٽيڊيم، نئين دهلي ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي- 20 ميچ 12 آڪٽوبر تي راجيو گانڌي انٽرنيشنل اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ کيڏي ويندي، ٽي- ٽوئنٽي سيريز ۾ بنگلاديش جي ٽيم جي اڳواڻي نجم الحسن شانٽو جڏهن ته ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي سوريا ڪمار ياديو ڪندو.