ليڊز -20 سيپٽمبر (اي پي پي) انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ 5 هڪ ڏينهن واري عالمي ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 21 سيپٽمبر تي هيڊنگلي، ليڊز ۾ کيڏي ويندي . آسٽريليا جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري تي آهي ، جتي اها ميزبان برطانوي ٽيم خلاف 3، ٽي – 20 ميچن تي ٻڌل سيريز کان علاوه 5 هڪ ڏينهن واري عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز پڻ کيڏندي . مهمان ڪينگروز ٽيم کي انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل آهي . آسٽريليا پهرين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي . ان کان اڳ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل 3 ٽي – 20 ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر رهي.