ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪيه روانو ٿي ويو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر سنڌ ترڪيه جي سيڙپڪارن، آءِ ٽي سيڪٽر جي ادارن جي اختيارين ۽ ٻين مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو ۽ ملاقاتن ۾ صوبي ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندو. ان کان علاوه گورنر انيشيئيٽو تحت جاري آءِ ٽي جي جديد ڪورسز کي وڌيڪ جدت ڏيڻ تي به ڳالهيون ٿينديون. گورنر سنڌ شاگردن کي مفت ليپ ٽاپ جي فراهمي سوڌو ٻين سهولتن جي ڏس ۾ آءِ ٽي سان لاڳاپيل عملدارن سان مشاورت به ڪندو.