لاڙڪاڻو – 20 سيپٽمبر ( اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 ھين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي. شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي بيبي فاطمه ڀٽو ۽ فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي شهيد والد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار تي حاضری ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ دعائون گهريون، ٻنهي ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڪا به سياسي تقرير نه ڪئي. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڀٽو ھائوس نئون ديرو ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني جو اھتمام ڪيو ويو ۽ خيرات جي ماني به ورهائي وئي.