اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري سيد عطاءُ الرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هن سال حج جا انتظام ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ تي وفاقي وزير ۽ پوري مذهبي معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ مذهبي معاملن واري وزير کي سندس بهترين ڪارڪردگي تي اعزازي شيلڊ ڏني. جده ۾ مقرر ڊائريڪٽر جنرل حج عبدالوهاب سومرو ملاقات ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ هو.