سائوٿمپٽن -09 سيپٽمبر (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 11 سيپٽمبر تي روزبائول،سائوٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي .آسٽريليا جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري تي آهي جتي اها ميزبان برطانوي ٽيم خلاف ٽن ٽي – ٽوئنٽي جڏهن ته 5 ون ڊي عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏندي انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 11 سيپٽمبر تي ٿيندي. اها ميچ روز بئول سائوٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي جيڪا رات جو فلڊ لائٽس ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي فلپ سالٽ ڪندو جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم مچل مارش جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ 13 سيپٽمبر تي صوفيه گارڊنز ، ڪارڊف ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 15 سيپٽمبر تي ايمرٽس اولڊ ٽريفورڊ ، مانچيسٽر ۾ کيڏي ويندي. ٽي – ٽوئنٽي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز جي شروعات 19 سيپٽمبر تي ٽرينٽ برج، ناٽنگهم ۾ ٿيندي.