نيويارڪ -09 سيپٽمبر (اي پي پي) اٽلي جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ٽاپ سيڊ جينڪ سز ٽيلر فرينٽز کي هارائي پهريون ڀيرو يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ کٽي ورتي. ان ڪاميابي کان پوءِ 23 سالن جي اطالوي ٽينس اسٽار جينڪ سز جي گرينڊ سلام ٽائلز جو انگ ٻيڻو ٿي ويو آهي، ان کان اڳ هلندڙ سال پهريون گرينڊ سلام آسٽريلوي اوپن ٽينس ٽورنامنٽ کٽيو هيو جينڪ سز مڙدن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ آمريڪي ٽينس اسٽار ٽيلر فرينٽز کي هارائي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو هلندڙ سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جا دلچسپ مقابلا آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ جاري آهن مينز سنگلز مقابلن جي ٽاپ فائنل ميچ ۾ اٽلي جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ٽاپ سيڊڊ جينڪ سز ۽ ميزبان آمريڪي ٽينس اسٽار ٽيلر فريٽز آمهون سامهون هيا جنهن ۾ 23 سالن جي جينڪ سز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آمريڪي مخالف رانديگر ٽيلر فريٽز کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-3،6-4 ۽ 7-5 تان هارائي ڪيريئر ۾پهرين ڀيرو يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ کٽي ورتي اهو هلندڙ سال جي ٻيون گرينڊ سلام آهي. جيڪوهن پنهنجي نالي ڪيو آهي. هو فلشنگ ميڊوز ۾ مينز سنگلز ٽائٽل کٽڻ وارو پهريون اطا لوي رانديگر بڻجي ويو آهي.