لنڊن _ 2 سيٽمبر (اي پي پي ) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم لنڊن ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا کي 190 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. سريلنڪن ٽيم ميزبان ٽيم جي بالرن جي شاندار بالنگ سبب مليل 483 رنسن جي هدف ۾ 292 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. انگلينڊ جي مشهور بالر ڪس اٽلنسن کي شاندار بالنگ عيوض ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.