نيويارڪ – 2 سيٽمبر (اي پي پي ) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ميگا ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ آريانا سبالينڪا، آمريڪا جي ايماناوارو ۽ اسپين جي ٽينس اسٽار پائولا بدوسا شاندار ڪارڪردگي عيوض يو ايس اوپن ويمنز سنگلز جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويون آهن جڏهن ته آمريڪي ٿرڊ سيڊڊ ٽينس اسٽار ۽ ميگا ايونٽ جي دفاعي چيمپئين ڪوڪوگف جو عورتاڻي سنگلز مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ سفر مڪمل ٿي ويو. سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ جاري آهن.