پيرس-07 آگسٽ (اي پي پي) پيرس اولمپڪ گيمز جي ايٿليٽڪس مقابلن ۾ ڪينيڊا جي ڪيمرين راجرز عورتن جي هيمر ٿرو مقابلن ۾ سون جو تمغو حاصل ڪيو. فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ اولمپڪس جا دلچسپ مقابلا جاري آهن جن ۾ شوقينن کي شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. عورتن جي هيمر ٿرو مقابلن ۾ ڪينيڊا جي 25 ورهين جي ڪيمرين راجرز شاندار ڪارڪردگي عيوض سون جو تمغو حاصل ڪيو. ڪيمرين راجرز 76.97 ميٽر ڊگهو هيمر ٿرو اڇلائي سون جو تمغو پنهنجي نالي ڪيو. جڏهن ته آمريڪا جي 28 ورهين جي ايٿليٽ اينيت ايچيڪو نوڪ 75.48 هيمر ٿورو اڇلائي ٻي پوزيشن سان چاندي جو تمغو ماڻيو، جڏهن ته چين جي 21 ورهين جي ايٿليٽ زاجي 74.27 ميٽر هيمر ٿرو اڇلائي ٽين پوزيشن سان ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو.