پيرس-07 آگسٽ (اي پي پي) اولمپڪ گيمز جي ايٿليٽڪس مقابلن ۾ آمريڪا جي ايٿليٽ ڪول هاڪر 1500 ميٽر ڊوڙ جي مقابلي ۾ سون جو تمغو حاصل ڪيو. فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ اولمپڪس جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. مردن جي 1500 ميٽرن جي ڊوڙ واري مقابلي ۾ 23 ورهين جي ڪول هاڪر شاندار ڪارڪردگي عيوض گهربل فاصلو 3 منٽ ۽ 27.65 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري سون جو تمغو حاصل ڪيو. جڏهن ته مقابلي ۾ 26 سالن جي انگلينڊ جي ايٿليٽ جوش ڪير ٻي نمبر تي رهيو ۽ چاندي جو تمغو پنهنجي نالي ڪيو. اهڙي ريت آمريڪا جي هڪ ٻئي ايٿيليٽ 25 سالن جي يارڊنگوز ٽين نمبر تي رهي ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو.