پيرس-07 آگسٽ (اي پي پي) يونان جي ڀلوڙ ايٿليٽ ملٽيڊيس ٽينٽوگلو پيرس اولپمڪس 2024ع جي مينز لانگ جمپ مقابلي ۾ سون جو تمغو حاصل ڪري ورتو. جميڪا جي ايٿليٽ وين پنوڪ لانگ جمپ مقابلي ۾ چاندي ۽ اٽليءَ جي ايٿليٽ مطيه فرلاني ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو. پيرس اولمپڪس ۾ شاندار مقابلن جو سلسلو فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ پنهنجي عروج تي پهچي چڪو آهي. مردن جي لانگ جمپ جي فائينل مقابلي ۾ يونان جي 26 ورهين جي ايٿليٽ ملٽيڊيس ٽينٽوگلو بهترين ڪوشش ڪندي 8.48 ميٽر ڊگهو جمپ لڳائي سون جو تمغو حاصل ڪيو. ڊگهي جمپ جي فائينل مقابلي ۾ 23 ورهين جي جميڪا جي ايٿليٽ وين پنوڪ 8.36 ڊگهو جمپ لڳائي چاندي جڏهن ته اٽلي جي 19 ورهين ايٿليٽ مطيه فرلاني 8.34 ميٽر ڊگهو جمپ لڳائي ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو.