پيرس _ 7 آگسٽ (اي پي پي) اولپمڪس گيمز جي ايٿليٽڪس مقابلن ۾ بحرين جي ونفريڊياوي ويمنز 3000 ميٽر اسٽيپلچيس ڊوڙ جي مقابلي ۾ سون جو تمغو کٽي ورتو آهي. فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ اولپمڪس جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. عورتن جي 3000 ميٽر اسٽيپلچيس ڊوڙ جي مقابلي ۾ بحرين جي ونفريڊياوي شاندار ڪارڪردگي عيوض گهربل مفاصلو 8 منٽ ۽ 52.76 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري سون جو تمغو پنهنجي نالي ڪيو. اهڙيءَ ريت يوگنڊا جي ايٿليٽ پيروٿ چيمو ٽائي گهربل مفاصلو 8 منٽ ۽ 53.34 سيڪنڊن ۾ طعي ڪري ٻي پوزيشن ماڻي چاندي جي تمغو حاصل ڪيو ۽ ڪينيا جي ايٿليٽ فيٿ چيروٽيچ گهربل مفاصلو 8 منٽ ۽ 55.15 سيڪنڊن ۾ طعي ڪري ٽئين پوزيشن ماڻي ٽامي جي تمغو حاصل ڪيو.