ڪولمبو – 5 آگسٽ (اي پي پي ) سريلنڪا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ هڪ ڏينهن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ 7 آگسٽ تي آر پريماداسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ميزبان آئي لينڊرز مهمان ڀارتي ٽيم کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 32 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ٻنهن ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ ڊرا ٿي وئي هئي. اهريءَ ريت سريلنڪا جي ٽيم کي ڀارتي ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي.