حيدرآباد -05 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ جيان شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار طور يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويو. ان موقعي تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نواب سمير لغاري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاهه اقبال احمد تنيو جي قيادت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان نواب شاهه پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ روينيو، اطلاعات، صحت، تعليم کان علاوه ٻين کاتن جي آفيسرن، سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان ڪشميرين تي ڀارتي ظلم خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ريلي جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد نواب سمير لغاري، اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاهه اقبال احمد تنيو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد سليم ڀٽي ۽ ٻين چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي نظر انداز ڪندي آئين جي آرٽيڪل 35 (اي) ۽ 370 کي ختم ڪيو جنهن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ هو جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا. ٻئي پاسي ضلعي جي مختلف تعلقن سڪرنڊ، قاضي احمد، دوڙ ۾ پڻ اسسٽنٽ ڪمشنرن طرفان يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي ريليون ڪڍيون ويون.