پيرس _ 5 آگسٽ (اي پي پي ) يوڪرين جي مشهور ايٿليٽ ياروسلوا مهو چيخ پيرس اولمپڪس 2024ع جي ويمن هائي جمپ مقابلي ۾ سون جو ٻلو حاصل ڪري ورتو آهي. آسٽريليا جي ايٿليٽ نڪولا اوليسليگرز هائي جمپ مقابلي ۾ چاندي ۽ يوڪرين جي ايٿليٽ ايرينا هيرا شينڪو ٽامي جو ٻلو حاصل ڪيو. پيرس اولمپڪس ۾ سخت مقابلن جو سلسلو فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ پنهنجي عروج تي پهچي چڪو آهي.