فلوريڊا _ 12 جولاءِ (اي پي پي ) دفاعي چيمپئين ارجنٽائن ۽ ڪولمبيا جي ٽيمن وچ ۾ ڪوپا آمريڪا فوٽ بال چيمپئين شپ 2024 ع جي فائنل 14 جولاءِ تي فلوريڊا ۾ کيڏيو ويندو . سائوٿ آمريڪا فوٽ بال ڪنفڊريشن جي اهتمام هيٺ ڪوپا آمريڪا جي 48 هين ايڊيشن جا سنسني خيز مقابلا آمريڪا ۾ جاري آهن، جنهن ۾ فوٽ بال جي شوقينن کي انتهائي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . ارجنٽائن ۽ ڪولمبيا ٽيمن وچ ۾ ڪوپا آمريڪا فوٽ بال چيمپئين شپ جو فائنل 14 جولاءِ تي فلوريڊا ۾ کيڏيو ويندو، ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن فائنل ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ بيان ڏنا آهن ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڪانٽيدار مقابلي جو امڪان آهي.