پيرس-12 جولاءِ (اي پي پي) اريٽيريا جي سائيڪل سوار بينيم جرمي ٽوورڊي فرانس سائيڪل ريس جو ٻارهون مرحلو کٽي ورتو. اسپين کان ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جي 111 هين ايڊيشن جي شروعات ٿي چڪي آهي ان ۾ سموري دنيا جي سائيڪلنگ جي 22 ٽيمن جا مشهور سائيڪل سوار ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. ريس جي ٻارهين مرحلي ۾ سائيڪل سوارن فرانس ۾ اوريلاڪ کان ولينيوسرلاٽ تائين جو 203.6 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪرڻو هو. 24 سالن جي اريٽيريا جي سائيڪل سوار بينيم جرمي شاندار سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي اهو فاصلو 4 ڪلاڪ، 17 منٽ ۽ 15سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. بيلجيئم جي سائيڪل سوار واٽ وين ايرٽ ٻئي ۽ جڏهن ته 30 سالن جي جرمني جي سائيڪلسٽ پاسڪل ايڪرمين ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، 25 سالن جي سلو وينيا جي سائيڪلسٽ تڊيج پوگا آر چوٿين نمبر تي رهيو. ٽوورڊي فرانس سائيڪل ريس ۾ 22 ٽيمون ٽائيٽل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن. ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس 21 مرحلن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سائيڪل سوار 3،498 ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪندا.