نيويارڪ –12 جولاءِ (اي پي پي ) ڪينيڊا ۽ يوراگوئي جي ٽيمن وچ ۾ ڪوپا آمريڪا فوٽ بال چيمپئين شپ جي ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ 13 جولاءِ تي کيڏي ويندي. سائوٿ آمريڪا فوٽ بال ڪنفڊريشن جي اهتمام هيٺ ڪوپا آمريڪا جي 48 هين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا آمريڪا ۾ جاري آهن جيڪي پنهنجي آخري مرحلي طرف وڌي رهيا آهن. جنهن ۾ فوٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. چيمپئين شپ جي ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ ۾ ڪينيڊا ۽ يوراگوئي جون ٽيمون بينڪ آف آمريڪا اسٽيڊيم ، شارٽ لٽ، اتر ڪيرولينا جي هنڌ آمهون سامهون ٿينديون فائينل 14 جولاءِ تي فلوريڊا ۾ کيڏيو ويندو.