هراري-12 جولاءِ (اي پي پي) زمبابوي ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي – ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جي چوٿين ميچ ڇنڇر تي اسپورٽس ڪلب هراري ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم کي ميزبان زمبابوي خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2-1 جي ڪاميابي حاصل آهي. زمبابوي جي ٽيم پهرين ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي 13 رنسن تان هارايو هو، جنهن جي جواب ۾ ڀارتي ٽيم ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ شاندار واپسي ڪندي ميزبان زمبابوي جي ٽيم کي 100 رنسن تان هارائي مقابلو 1-1 تان برابر ڪري ڇڏيو. ٽئين ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم زمبابوي کي 23 رنسن تان هارائي سيريز ۾ 1-2 جي برتري حاصل ڪئي. ڀارتي ٽيم جي قيادت شبمن گل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته زمبابوي جي ٽيم جي اڳواڻي سڪندر رضا ڪري رهيو آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي چوٿين ميچ 13 جولاءِ ڇنڇر تي کيڏي ويندي، جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي- ٽوئنٽي ميچ 14جولاءِ تي کيڏي ويندي.