حيدرآباد -12 جولاءِ (اي پي پي) حيدرآباد جي ڊويزنل ڪمشنر احسن قريشي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ۽ ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار سان گڏجي قدم گاهه مولا علي حيدرآباد ۽ سجاديه امام بارگاهه گلستان سجاد قاسم آباد جو دورو ڪري سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي عزادارن کي سيڪيورٽي سميت بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين ته جيئن عزادارن ۽ عام ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائين کي منهن نه ڏيڻو پوي .ڪمشنر قدم گاهه مولا علي ۽ امام بارگاه سجاديه جي منتظمين کي يقين ڏياريو ته انتظاميه پاران دستياب وسيلن موجب هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.