لنڊن _12 جولاءِ (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي – 20 عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ڪرڪيٽ ميچ ڇنڇر 13 جُولاءِ تي لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ پنجن ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي 3-0 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. انگلينڊ جي ويمن ٽيم پهرين ٽي – 20 ميچ ۾ 59 رنسن، ٻئي ميچ ۾ 23 رنسن جڏهن ته ٽئين ٽي – 20 ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ ٻنهن ملڪن جي عورتاڻي ڪرڪيٽن ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز ۾ ميزبان انگلينڊ جي ويمن ٽيم مهمان نيوزيلينڊ کي 3-0 تان وائيٽ واش ڪري ڇڏيو هو. انگلينڊ جي عورتاڻي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي عورتاڻي ٽيم کي 9 وڪيٽن، ٻين ون ڊي ميچ ۾ 8 وڪيٽن جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. مهمان نيوزيلينڊ جي عورتاڻي ٽيم پنهنجي دوري دوران ميزبان انگلينڊ جي ومينز ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کان علاوه 5 ٽي – 20 ميچن جي سيريز پڻ کيڏڻي آهي جنهن جون ٽي ميچون ٿي چڪيون آهن. پنجن ميچن جي سيريز جي چوٿين ٽي – 20 ميچ (اڄ ) ڇنڇر تي ڪيننگٽن اوول ، لنڊن ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي – 20 ميچ 17 جولاءِ تي لارڊز ، لنڊن ۾ کيڏي ويندي.