هراري-04 جولاءِ (اي پي پي)زمبابوي ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون 5 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي پهرين عالمي ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ 6 جولاءِ تي هراري اسپورٽ ڪلب هراري ۾ زور آزمائي ڪنديون. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي زمبابوي جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 5 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين عالمي ٽي – ٽوئنٽي ميچ 06 جولاءِ تي کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي شبمن گل ۽ زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت سڪندر رضا ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ 07 جولاءِ، ٽئين ٽي – ٽوئنٽي ميچ 10 جولاءِ، چوٿين ٽي – ٽوئنٽي ميچ 13 جولاءِ ۽ پنجين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 14 جولاءِ تي کيڏي ويندي. ٻئي ٽيمون پنجئي ميچون هراري اسپورٽس ڪلب هراري ۾ کيڏنديون.