برلن -04 جولائي (اي پي پي )يورپين فٽ بال چيمپئين شپ جا ڪوارٽر فائنل ( اڄ ) جمعي ڏينهن کيڏيا ويندا، گروپ رائونڊ ختم ٿيڻ کان پوءِ ٽاپ8 رائونڊ جو لائين اپ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اسپين ، ميزبان جرمني ، پرتگال ، فرانس ، انگلينڊ ، سوئٽزرلينڊ، نيڌر لينڊ ۽ ترڪيه جون ٽيمون ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي چڪيون آهن. يوئيفا جي اهتمام هيٺ ميگا ايونٽ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. اسپين ميزبان جرمني ، پرتگال ، فرانس ،انگلينڊ، سوئٽزرلينڊ، نيڌر لينڊ ۽ ترڪيه جي ٽيمن جو ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچڻ کان پوءِ ٽاپ8 رائونڊ جو لائين اپ مڪمل ٿي چڪو آهي. يورپين فٽ بال چيمپئين شپ جا پهريان ٻه ڪوارٽر فائنلز (اڄ )جمعي ڏينهن کيڏيا ويندا.